ڀائو در محمد ٻرڙو

ڀائو در محمد ٻرڙو

ڀائو در محمد ٻرڙو

”ڀائو“ در محمد ٻرڙو: ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ ’ڀائو‘ دُر محمد ولد خير محمد ٻرڙو، 11 جنوري 1956ع تي قنبر ۾ ڄائو. سندس تعليم، سنڌي اديب ۽ انٽر (آرٽس) آهي. هن 1974ع ۾ قنبر ۾ ’گلن جھڙا ٻارڙا‘، 1995ع ۾ ’عوامي تحريڪ‘ ۽ ان جي ذيلي تنظيمن: ’سنڌي هاري ڪاميٽي‘، ’سنڌي شاگرد تحريڪ‘، ’سجاڳ ٻار تحريڪ‘، ’سنڌياڻي تحريڪ‘، ’سنڌي مزودر تحريڪ‘ ۽ 1980ع ۾ ’سنڌي ادبي سنگت‘ شاخ، قنبر جو بنياد وڌو. سنڌي ادبي سنگت شاخ، قنبر جو ڪيترائي ڀيرا ڪائونسلر، سيڪريٽري ۽ ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ لاءِ ضلعي رابطا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي جو باني ميمبر ۽ چيئرمئن پڻ رهيو آهي. هن 2005ع ۾ قنبر ۾ ’ ڀائو در محمد ٻرڙو ٽرسٽ‘جو بنياد وڌو، جنھن پاران 2006ع ۾”ڀائو در محمد ٻرڙو پبلڪ لائبرري“قنبر قائم ڪئي وئي. 2007ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت واري واقعي کانپوءِ ڪيترين سرڪاري عمارتن ۽ بئنڪن سان گڏ هن لائبرريءَ کي به ساڙيو ويو. جنھن کي هن ٻيھر تعمير ڪرايو. هن سياسي ۽ سماجي ماڻهن سان گڏجي نئين ضلعي ”قنبر-شھدادڪوٽ ايٽ قنبر“ قائم ڪرائڻ واري تحريڪ توڙي’قنبر ضلعو بچايو تحريڪ‘ ۾ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو، 2007ع ۾ ’گل ڦل ٻارڙا سنگت، سنڌ‘ جو بنياد وڌو ۽ ان جو چيئرمئن ٿيو. 2011ع ۾ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي رجسٽرڊ ڪرائي، جنھن جو چيئرمئن آهي. انهي سوسائٽي پاران تاريخي سيمينار، ڪانفرنسون ۽ جشن لطيف پروگرام ڪرايا ويا آهن. جڏهن ته تاريخ جي موضوع تي ڪتاب ڇپرائڻ سميت تاريخ، ادب، تعليم، راڳ ۽ آرٽ جي شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن کي اوارڊ ڏنا ويا آهن. ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جي بلڊنگ پڻ ٺھرائي آهي. هن 2012ع ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، قنبر-شھدادڪوٽ ايٽ قنبر رجسٽر ڪرائي، جنھن جي عمارت سندس توسط سان ٺھي رهي آهي. ان جو پاڻ باني ۽ صدر آهي. هن اداري پاران ڪيترائي مشاعرا ۽ اسٽيج ڊراما ڪرائي چڪو آهي. 2018ع ۾ اجرڪ سنگت سنڌ تنظيم جو بنياد رکيو. جيڪا ڪم ڪري رهي آهي. سندس لکيل ڪتابن ۾ ’سنڌ پرينءَ سان‘ (ناول)، ان جو اردو ترجمو ’سنڌ پيا سنگ‘ ۽ ٻين ترتيب ڏنل ڪتابن ۾: ’قمبر-شھدادڪوٽ ضلعو تاريخ جي آئيني ۾‘، ’ساٿ هلندو رهي‘، ’ڏاڙهيارو جبل ۽ ڪتي جي قبر‘ ۽ سجاڳيءَ جو سفر (2016ع)ڇپيل آهن. ڀائو در محمد ٻرڙو پبلڪ لائبرري، قنبر: ڀائو در محمد ٻرڙو ٽرسٽ پاران 2006ع ۾ قنبر جي مشھور سماجي اڳواڻ ’ڀائو‘ در محمد ٻرڙي جي نالي سان پبلڪ لائبرريءَ جو بنياد وڌو ويو. ڪجهه ئي عرصي ۾ هن لائبرريءَ ۾ هزارين علمي، ادبي، سائنسي، سماجي ۽ مذهبي موضوعن تي ڪتاب گڏ ٿيا. روزانو ڪيترائي نوجوان مطالعي لاءِ ايندا رهيا. لائبرري ۾ روزانو سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارون اينديون هيون. ان کان سواءِ ايئر ڪنڊيشنر ۽ ڪمپيوٽر سميت فيڪس، فوٽو اسٽيٽ ۽ اليڪٽرانڪ واٽر ڪولر جون سھولتون به موجود هيون. 27 ڊسمبر 2007ع تي محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت جي ٻئي ڏينھن ڪن شرپسند ماڻهن هن لائبرريءَ کي ساڙي ڇڏيو. جنھن بعد جنوري 2011ع ۾ ٽرسٽ پنھنجي مدد پاڻ هيٺ پي. پي. ايل ۽ ٻين سماجي ۽ ادبي ادارن ۽ شخصيتن جي سھڪار سان، لائبرريءَ جي عمارت جديد نموني ٺھرائي آهي. هن وقت لائبرري ۾ هزارين ڪتاب موجود آهن. ڪميشن جي امتحان جي تياريءَ لاءِ روزانو ڪيترا نوجوان اچن ٿا. لائبرري چئن حصن: ڪميشن جي امتحان جي اميدوارن لاءِ هال، عام ريڊنگ هال، نيوز پيپر هال ۽ ڪمپيوٽر ليب ۾ ورهايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

11.01.1956  عيسوي

ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ ’ڀائو‘ دُر محمد ولد خير محمد ٻرڙو، 11 جنوري 1956ع تي قنبر ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالقادر بلو
سئلبئنڪ جوزف سالبئنڪ جوزف
ايم اي قاضي ڊاڪٽر
اسماعيل موندرو
ٻانڀڻيو
صبيحه خانم
بهمن
عبدالجبار پنهور
پير شهاب الدين لڪياري
رفسنجاني علي اڪبر هاشمي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون